حاجي غلام حسين انڙ

حاجي غلام حسين انڙ

غلام حسين انڙ حاجي

غلام حسين انڙ،حاجي: سنڌ جو مشهور سياستدان حاجي غلام حسين انڙ اپريل 1948ع ڌاري ڳوٺ علي آباد، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زميندار گھراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد وڏيرو غلام عمر خان انڙ تر جو ناليوارو سياستدان ۽ زميندار ٿي گذريو آهي. سندس ڏاڏو فقير محمد خان انڙ به سياسي حوالي سان تر جو مشهور ماڻهو هو، جنهن کي انگريز دور ۾ ”خانبهادر“ جو لقب مليو هو. حاجي غلام حسين انڙ ابتدائي تعليم نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. گريجويشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شروع کان وٺي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ دلچسپي وٺندو هو. هن سياسي ڪيريئر جي شروعات بلدياتي چونڊن ۾ ڪائونسلر چونڊجڻ سان ڪئي. 1983ع ۾ تعلقي ڪائونسل جو چيئرمئن ٿيو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ پهريون دفعو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1988ع ۽ 1990ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم.پي.اي چونڊيو. انهن ئي سالن ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو بنا مقابلي چيئرمئن به ٿيو. 1992ع ۾ مسلم ليگ (فنڪشنل) جي ٽڪيٽ تي ايم. پي. اي لاءِ چونڊ وڙهيو، پر پ پ پ اميدوار کان هارائي ويو. 1992ع ۾ هو مسلم ليگ (فنڪشنل) لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر چونڊيو. هن ضلعي سطح تي سياست ڪرڻ ۽ ضلعي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ”لاڙڪاڻو اتحاد“ قائم ڪيو. جنهن کي پ پ مخالف محاذ تصور ڪيو ويو. 1990ع ۾ هو مشهور ”انڙ ڪيس“ ۾ گرفتار ٿيو. ڄام صادق علي جي نگران وزير اعليٰ ٿيڻ بعد سندس حمايت سان آزاد ٿيو. 22 مارچ 1994ع تي کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ۽ 22 مهينا قيد رهيو. 22 ڊسمبر 1995ع تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ 25 جنوري 1996ع تي وفات ڪيائين. سندس ڀاءُ الطاف انڙ به مشهور سياستدان آهي، جيڪو اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ صوبائي وزير رهي چڪو آهي. سندس فرزند شفقت حسين انڙ ڏوڪريءَ جو اڳوڻو تعلقي ناظم رهي چڪو آهي، هينئر سندس سياسي وفاداريون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.04.1948  عيسوي

سنڌ جو مشهور سياستدان حاجي غلام حسين انڙ اپريل 1948ع ڌاري ڳوٺ علي آباد ، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زميندار گھراڻي ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياء الحق ڪانڌڙو
جي ايم ڀڳت
اياز عالم ابڙو
ايشوري جوتواڻي 2
خورشيد احمد شاهه
پمناڻي هاسارام پروفيسر
خوارزمي محمد بن موسيٰ
شوڪت حسين رضوي
پونم پاسڪل پرمار
ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙيا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون